سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، بندش پيل تنظيم جا ٻه ڄڻا گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪراچي جي علائقي شرافي ڳوٺ ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي بندش پيل تنظيم جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو تفصيل موجب سي ٽي ڊي جي ترجمان ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي بندش پيل تنظيم جا ٻه ڏوهاري الهه رکيو منگي ۽ ياسر حسن لاشاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي جوابدارن وٽان ٻه دستي بم ٻه پسٽل موٽر سائيڪل ۽ فنڊنگ باڪس هٿ ڪيا ويا آهن ان کان سواءِ جوابدارن کان چندي جون رسيدون، رقم ۽ بندش پيل تنظيم جا پمفليٽ به هٿ ڪيا ويا آهن گرفتار جوابدارن 5 ٽارگيٽ جي تاڙ مڪمل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو اهي جڏهن ته جوابدارن 4 مارچ تي قمبر شهدادڪوٽ ۾ مڪينڪ کي گوليون هڻي زخمي ڪيو هو جوابدار الهه رکيو 2021 ۾ گرفتار ٿي لاڙڪاڻي ۾ قيد جي سزا ڀوڳي چڪو آهي جڏهن ته گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن جي خلاف سي ٽي ڊي ڪراچي ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو