سي ويو وٽ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي

سي ويو وٽ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سي ويو وٽ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري زخمي ٿي پيا.ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا موجب زخمي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري سي ويو وٽ گهمڻ لاءِ آيا هئا ته موٽرسائيڪل سوار ٻن جوابدارن ڇوڪري سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد ڇوڪرو جو جوابدار سان جهيڙو ٿي ويو.اتان نڪرڻ دوران جوابدارن ڇوڪرو ۽ ڇوڪريءَ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڇوڪرو ۽ ڇوڪري موٽرسائيڪل تي سول اسپتال پهتا، جتان زخمين کي پوليس حوالي ڪيو ويو.ڇوڪري منگھوپير جي رهواسي آهي ۽ ڇوڪرو گارڊن جو رهواسي آهي، جوابدارن زخمين وٽان ڪا به قيمتي شيءِ هٿ نه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو