ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن کان مطالبو ڪيو ويو ته جيئن ئي حددخليون هٽايون وڃن ته فوري طور تي الاٽ ٿيل زمين تي بائونڊري وال ٺاهي وڃي ته جيئن ٻيو ڪو قبضو نه ڪري سگهي.صحافي ڪالونين تائين واٽر لائين پهچائڻ لاءِ لوڪل گورنمينٽ کاتي جي نمائندن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت.ملاقات ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ سيڪريٽري صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ تي سنڌ حڪومت جي شاندار سهڪار ۽ انفارميشن سيڪريٽري سنڌ نديم ميمڻ جا ٿورا مڃيا.اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز سوائي خان ڇلگري، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، جنرل سيڪريٽري شعيب احمد ۽ ٻين ضلعي ملير، ضلعي اولهه ضلعي ڪيماڙي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، بورڊ آف روينيو، بلدياتي ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن جي اجلاس ۾ شرڪت.
