سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن به بل جي مخالفت جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ هر ممڪن قانون سازي جي سخت مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه شرڪت ڪئي.پارٽي ذريعن موجب اجلاس دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ بل جي مخالفت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. بئريسٽر گوهر چيئرمين طور پارٽي فيصلي موجب ايوان ۾ ميمبرن کي حڪمت عملي جا حڪم جاري ڪيا، جڏهن ته اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي زباني ۽ لکت ۾ پارٽي پاليسي بابت آگاهي ڏني وئي.پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڳالهين جي حوالي سان ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو