سيف الله ڪينال جي ڍوري مائنر ۾ پاڻي ڇڏڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سيف الله مگسي ڪئنال جي قبو سب ڊويزن جي ڍوري مائنر ۾ پاڻي کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي آبپاشي کاتي کي 48 ڪلاڪن اندر پاڻي ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. نگران وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي لاڳاپيل آبپاشي کاتي جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر امجد جتوئي چيو ته ڍوري مائنر واري علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ٻڌايو ته اهو غير معمولي مائنر آهي ۽ رڳو ربيع جي مند ۾ پاڻي ڏنو ويندو آھي باقي رڳو ڪجھھ پاڻي پيئڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تازو تيز برساتن دوران ڍوري مائنر ۾ پاڻي ڇڏيو ويو، ان ڪري علائقي جي هارين آر ڊي ٻڙي کان 30 تائين سارين جو فصل پوکيو آھي. نگران وڏي وزير لاڳاپيل سپرنٽينڊنٽ انجنيئر کي هدايت ڪئي ته ڍوري مائنر ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن آر ڊي ٻڙي کان 30 جي مقامي هارين جو بيٺل فصل تباهه نه ٿئي. نگران وڏي وزير آبپاشي کاتي کي پاڻي جاري ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو