سيد ٽينٽ سٽي کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، لٺبازي، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ناردرن بائي پاس تي گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، پوليس ۽ عملي جي لٺبازي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ناردرن بائي پاس تي گلشن سيد ٽينٽ سٽي کي ڊاهڻ لاءِ آپريشن، ٻوڏ متاثرن طرفان سخت مزاحمت ڪئي وئي،پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس ٻوڏ متاثرن تي لاٺي چارج ڪري ڏني، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ، ڪيترائي متاثر زخمي ٿي پيا،رهواسين جو چوڻ هو ته اسان ٻوڏ متاثر آهيون، سازش تحت اٿاريو پيو وڃي، اڳ به آپريشن ڪري اسان مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا،انتظاميا جو چوڻ آهي ته سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو آهي، قبضا خالي ڪيا وڃن، ڳوٺاڻن پٿراءُ ڪيو آهي،جڏهن ته سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي ته آپريشن دوران 2 ڄڻا مارجي ويا آهن، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو