سواتي پاران نواز جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي روپوش اڳواڻ سينيٽر اعظم خان سواتي ايندڙ سال 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سينيٽر اعظم خان سواتي جي هڪ وڊيو پاڪستان تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا پيج تي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اعظم سواتي مانسهره مان قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ نوازشريف جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جي خواهش جو اظهار ڪري رهيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم تي ڪرپشن ۽ ملڪي دولت لٽي پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهڻ جا سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته نوازشريف اين اي 15 مانسهره مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.اعظم سواتي چيو ته جيڪڏهن منهنجي پارٽي مون کي ٽڪيٽ ڏنو ته مان نوازشريف جو مقابلو ڪندس مون کي يقين آهي ته مانسهره جي عوام، مائرون، ڀينرون ۽ ڀائر مون کي تحريڪ انصاف جي پليٽ فارم تان کٽرائي پنهنجو چٽو پيغام ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو