حيدرآباد(پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، حور النسا پليجو، ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ايڊوڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورن غير ملڪين کي بنا دير واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪلڻ جو بندوبست وڃي. رجسٽرڊ ٿيل ۽ اڻ رجسٽرڊ افغانين سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙ برمين، بنگالين، هندستانين،روهينگين سميت سمورن غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي. هنن چيو ته پاڪستان جي شماريات کاتي ڊجيٽل آدمشماري جا بوگس ڪوڙا پنھنجي مرضيءَ مطابق انگ اکر پڌرا ڪيا، ھاڻي وري سنڌ ۾ رھندڙ لکين افغانين سميت ٻين غير ملڪين بابت ڪوڙا انگ اکر پڌري ڪيا ويا آھن. شماريات کاتي موجب سنڌ ۾ صرف 3 لک غير ملڪي رهن ٿا جڏهن ته گڏيل قومن موجب 37 لک کان وڌيڪ افغاني رهن ٿا. اسين سمجهون ٿا ته شماريات کاتي جا انگ اکر ملڪ دشمني ۽ سنڌ دشمني تي ٻڌل ۽ اهي انگ اکر گمراھ ڪندڙ آهن. سپريم ڪورٽ ۾ انٽيليجنس ادارن جي رپورٽ موجب 40 لک کان وڌيڪ غير قانوني افغاني رهن ٿا.جيڪي ملڪ جي معشيت مٿان بار آهن. اهي پاڪستان جي سالميت لاءِ خطرو آھن. افغاني منشيات فروشي، هٿيارن جي واپار، اسمگلنگ، دهشتگردي، سميت مختلف سنگين ڏوهن ۽ پاڪستان خلاف سرگرمين ۾ ملوث آهن. عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ ۾ رهندڙ انھن 40 لک کان وڌيڪ افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏئي ملڪ جي معشيت ۽ امن امان بحال ڪرايو وڃي. افغانين سميت سمورن غير ملڪين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪيا وڃن.
