سنڌ ۾ ڪارخانا ۽ سي اين جي  اسٽيشنون 30 ڊسمبر کان بند ڪرڻ جو اعلان

سنڌ ۾ ڪارخانا ۽ سي اين جي اسٽيشنون 30 ڊسمبر کان بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سوئي سڌرن گئس ڪمپني لميٽيڊ چيو آهي ته گئس جي ڪلت سبب سنڌ ۾ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ ۽ سموريون سي اين جي اسٽيشون 30 ڊسمبر 2023ع جون صبح 8 وڳي کان پهرين جنوري 2024ع جي صبح 8 وڳي تائين 8 ڪلاڪ بند رهنديون. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گئس بندش جو سبب ايس ايس جي سي جي سسٽم ۾ گئس جي فراهمي ۾ گهٽتائي آهي. جنهن جي ڪري گئس گهٽ دستياب ٿي آهي. ان جي نتيجي ۾ لائن پيڪ ۾ گهٽتائي ۽ سسٽم ۾ گهٽ دٻاءُ پيدا ٿيو. سوئي سڌرن گئس ڪمپني پاران وڌيڪ چيو آهي ته ايل اين جي تي هلندڙ سي اين جي اسٽيشنون به بند رهنديون. ڪراچي جي علائقي بات آئي لينڊ ۾ 16 انچ قطر جي گئس پائيپ لائن جي مرمت سبب ڪراچي جي 16 کان وڌيڪ علائقن ۾ گئس جي فراهمي بند ٿي وئي هئي. ڪمپني مطابق هيءَ بندش اوگرا پاران منظور ٿيل صنعتي واهپيدار لاءِ جي ايس اي جي ڇڪ نمبر14 ۽ اي سي سي پاران منظور ڪيل سيڪٽر وار گئس لوڊ مينيجمينٽ پلان تحت ڪئي وئي آهي. سوئي سڌرن گئس ڪمپني خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪا صنعت هالي ڊي پيرڊ جي خلاف ورزي ڪندي ڏٺي وئي ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو