ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران مليريا جا 15 ڪيس سامهون آيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب ملير ضلعي مان 9، ڪورنگي ۽غربي ضلعن مان 2 ۽ 2، جڏهن ته ڏکڻ ۽ اوڀر ضلعن ۾ 1، 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران مليريا جا 3055 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ترجمان موجب سنڌ ۾ هلندڙ سال مليريا سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
