سنڌ ۾ مليريا تيزي سان وڌڻ لڳو، 1ڏينهن دوران 586 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مليريا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا. گذريل هڪ ڏينهن دوران صوبي ۾ 586 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي موجب سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ مليريا جا ڪيسز حيدرآباد ڊويزن ۾ رپورٽ ٿيا آهن جتي 24 ڪلاڪن دوران 287 مليريا جا ڪيسز رڪارڊ ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 143 ۽ ميرپورخاص ۾ مليريا جا 98 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.صحت کاتي ٻڌايو آهي ته بينظير آباد ڊويزن ۾ مليريا جا 58 ڪيسز رپورٽ ٿيا جڏهن ته ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران مليريا جو ڪوبه ڪيس رپورٽ نه ٿيو آهي. ترجمان موجب هلندڙ سال سڄي صوبي ۾ مليريا وگهي 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. فوت ٿي ويلن جو تعلق حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن سان آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو