سنڌ ۾ غيرقانوني طور آباد پرڏيهين کي نيڪالي لاءِ جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا

سنڌ ۾ غيرقانوني طور آباد پرڏيهين کي نيڪالي لاءِ جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي اڳواڻ حسين سومري ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور آباد افغانين ۽ ٻين غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاء ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا ويا. افغانين سميت ٻين غيرملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ سان گڏ رجسٽر پناهگيرن کي به سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهائڻ بدران بارڊر تي ڪيمپون قائم ڪري کين انهن ڪيمپن ۾ رهايو وڃي. پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ لکين غيرملڪين کي جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا، هاڻي حڪومت ٻڌائي ته اهي جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ نادرا جي گهڻن آفيسرن خلاف ڪاروائي ٿي آهي؟ غيرقانوني طور آباد غيرملڪين کي فقط لاهور ۽ اسلام آباد مان نيڪالي ڏني پئي وڃي، سنڌ ۾ آباد غيرملڪين کي پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ سنڌين مٿان مسلط ڪيو پيو وڃي. نتيجي ۾ پنجاب ۾ آيل افغانين جا ڪٽڪ به سنڌ ۾ اچڻ جو خدشو آهن. هنن چيو ته ملڪ جي حڪمرانن سنڌ کي غير قانوني طور آيل غير ملڪين جو پناهه گاهه بڻائي ڇڏيو آهي. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي هئي ته فقط ڪراچي شهر ۾ 40 لکن کان وڌيڪ غير ملڪي غيرقانوني طور رهن ٿا، جن مان ڪيترن جا ئي مختلف دهشتگرد تنظيمن سان رابطا آهن ۽ اهي آپگهاتي حملن، زمينن تي قبضن سميت مختلف ڏوهن ۽ دهشتگرد ڪاروائين ۾ پڻ ملوث آهن. ايف آء اي جي ڊائريڪٽر عامر فاروقي انڪشاف ڪيو هو ته نادرا وارن پئسن جي لالچ ۾ 40 لکن کان وڌيڪ غيرملڪين کي جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن، جن ۾ ڪيترن ئي غير ملڪي دهشتگردن کي پڻ شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا هئا. وفاق توڙي سنڌ حڪومت جواب ڏئي ته انهن 40 لکن مان گهڻا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن؟ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪري ملڪ مان نيڪالي ڏيندڙن جو تعداد عوام اڳيان پڌرو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو