سنڌ ۾ غيرقانوني افغانين کي برداشت نه ڪنداسين:حارث نواز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين کي برداشت نه ڪنداسين، 17 سئو کان 18 سئو افغاني گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪاروبار ۽ ملڪيتون رکندڙ افغانين خلاف مهلت ختم ٿيڻ بعد ڪارروائي ڪنداسين، سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ڊي آءِ جي ويسٽ جي آفيس جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائين لاءِ ون ونڊو آپريشن ڏانهن وڃون پيا، قانوني طور ترسيل افغانين کي ڪجهه به نه چونداسين، ڪراچي ۾ هن وقت ڪرپشن وارو ڪو به سسٽم ڪم نه پيو ڪري، زمينن تي قبضا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي

پهنجو تبصرو موڪليو