حيدرآباد (ن س ) افغانين سميت سمورن غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ ۽ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، وسيلن جي ڦرلٽ، ڊجيٽل آدمشماري، ڌاڙيل راڄ، دريا تي ڊيمن،ڪئنالن، بئراجن، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، پاڻي جي هٿرادو کوٽ، منشيات فروشي، فصلن جا مناسب اگهه نه ملڻ ۽ سامونڊي پٽي تي قبضي خلاف عوامي تحريڪ پاران بدين ۾ هزارين ماڻھن جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شريڪ. ريلي ۾ سنڌ ۾ ڌاريا_ نامنظور، افغاني سمورا_نامنظور، زمينن تي قبضا_بند ڪريو، ڪارونجھر ڪٽڻ_بند ڪريو، کير ٿر تي قبضو_ نامنظور، وسيلن جي ڦرلٽ_بند ڪريو، ڌاريا آڻڻ، نئون اسرائيل ٺاهڻ_بند ڪريو ڌاڙيل راڄ_نامنظور سامونڊي پٽي تي قبضو نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا. ريلي بدين جي ﷲ والا چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پھچي وڏي عوامي جلسي عام ۾ تبديل ٿي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حور النسا پليجو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري مروبت ھاليپوٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، زرقا ھاليپوٽو، علي محمد پرويز، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ناليواري اديب مير حسن آريسر، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، ايڊووڪيٽ مير بشير ٽالپر، مهراڻ درس، اياز کوسو، علي محمد ڪلمتي، ايڊوڪيٽ فاضل زئور، ايڊوڪيٽ آصف کوسو، ايڊووڪيٽ رام ڪولھي، هميرو مل ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پاڪستان ٺهڻ شرط محمد علي جناح جي اصولن تي عمل ڪرڻ بدران ملڪ جي ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي قدرتي ۽ معدني وسيلن، روزگار، شھرن ۽ لکين ايڪڙ زمينن تي وڏي سازش سان قبضو ڪيو ويو. جناح جي سيڪيولر سوچ جي مخالف حڪمرانن ملڪ ۾ انتھا پسندي ۽ جنونيت جي آبياري ڪئي. پاڪستان کي آزاد ۽ خود مختيار ملڪ بنائڻ ۽ اقتصادي طور تي مضبوط ڪرڻ بدران برطانوي سامراج جي تربيت يافته سياستدانن، سول بيورو ڪريسي ۽ جنرل ايوب جھڙن آمرن ملڪ کي ڦري لٽي ڪنگال بڻائي آمريڪي سامراج جي ڪالوني بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن شھرن ۽ وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي جيڪا سازش ڪئي وئي ھئي ھن وقت به اھا ساڳي پاليسي جاري آھي. ون يونٽ ھڻي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ھاڻي وري سبز انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن ۽ مڪانن ڪارونجھر، گورگ، کيرٿر نيشنل پارڪ، گنجو ٽڪر، ڪينجھر ڍنڍ، ھاليجي ڍنڍ، منڇر، ڀنڀور سميت سنڌ جي ٻين تاريخي ثقافتي ماڳن تي والار جاري آهي. رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي ثقافتي ماڳن تي قبضا سنڌ جو وجود ختم ڪرڻ جي سازش آهي. بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻين وڏين رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو ويو آھي.ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري ۾ بوگس ۽ فرمائشي ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکاري سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضو ڪري عالمي سامراجي ايجنڊا تحت سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي سازش سٽي وئي آهي. جنھن جو بنياد ڪراچي ۾ دھشتگردن کي سيٽون وڌائي ڏيڻ ۽ لکين غير ملڪين کي ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ سان وڌو ويو آھي. آمريڪي سامراج جي اشارن تي فلسطينين مٿان ظلم مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي من پسند نگران سرڪار پنھنجو آئيني ڪردار ادا ڪري نوي ڏينھن اندر اليڪشن ڪرائڻ بدران معاشي ترقي جي نالي ۾ صوبن جي وسيلن تي قبضو ڪري رھي آھي. سرڪاري ادارن جي نجڪاري وسيلي ملڪي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو آهي. ملڪ جا اثاثا وڪڻي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جي پاليسي مان ھاڃيڪار نتيجا نڪرندا.هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري. ماڙي جلباڻي سانحي مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌ ۾ آئين ۽ قانون معطل آهي. سپريم ڪورٽ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي. سنڌ جي زمينن ۽ معدنيات کي وڪڻي سنڌين جو استحصال بند ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ نام نھاد قبيلائي سردارن رياست اندر پنھنجي رياست قائم ڪري ملڪ جي رٽ کي چئلينج ڪيو آھي. شڪارپور ضلعي ۾ ڌاڙيلن طرفان هڪ ايس ايڇ او ۽ پنج اهلڪارن کي اغوا ڪرڻ حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي. ڇا رياست ڌاڙيلن اڳيان ايتري بيوس ۽ لاچار آهي جو هوءَ پنهنجا اهلڪار به بچائي نٿي سگهي. پوليس پنهنجي تحفظ ڪرڻ ۾ ئي ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ پوليس کي وڏيرن جي ونگارو فورس بڻايو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهي اسرائيلي سلطنت قائم ڪرڻ لاءِ مهم هلائي پئي وڃي. نام نهاد اردو ميڊيا اندر صحافين جي روپ ۾ ويٺل غير جمهوري قوتن جي ملازمن کان نئين صوبي جي مهم هلائڻ وسيلي سنڌ جي وحدت ۽ وجود تي وار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني افغانين جي واپسي جا مخالف انھن افغانين سان گڏ افغانستان هليا وڃن. سنڌ هڪ به غيرملڪي جو بار نٿي کڻي سگهي. 12 هزار کان وڌيڪ افغاني پاڪستاني پاسپورٽ تي سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا. انھن افغانين کي جعلي پاڪستاني پاسپورٽ ڏيندڙ سويلين ۽ نان سويلين عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني غير ملڪين خلاف آپريشن دوران پوليس غير قانوني افغانين کي گرفتار ڪرڻ بعد رشوت عيوض ڇڏي ڏيئي ٿي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حور النساء پليجو چيو ته بدين ضلعو معدني وسيلن سان مالا مال آھي پر ان جي باوجود بدين جو عوام بکون ڪاٽڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي.اسڪول بند آھن صحت ۽ صاف پاڻي جي ڪابه سھولت ڪونھي نوجوان بيروزگار آھن، روڊ ۽ رستا تباھ آھن اربين روپين جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙھيو وڃي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سردار قانون ۽ آئين کان بالاتر بڻيل آهن. ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرست سردارن خلاف ڪو به قانون لاڳو ڪندڙ ادارو قدم نٿو کڻي. قبائلي ۽ سرداري نظام جي خاتمي کانسواءِ امن امان ممڪن ئي ڪونهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري مروبت هاليپوٽو چيو ته سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلم تي سپريم ڪورٽ جي خاموشي مذمت جوڳي آهي. اعلي عدالت سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر جاکرو نوحاڻي چيو ته سنڌ ۾ سازش تحت غير قانوني غير ملڪين کي قابض ڪيو پيو وڃي. سنڌ عالمي يتيم خانو ناهي. سنڌ ڪنھن به دهشتگرد، ڏوهاري ۽ منشيات فروش اسمگلرن جو ٺيڪو ناهي کنيو. غير قانوني غير ملڪين کي فوري سنڌ مان نيڪالي ڏئي واپس موڪليو وڃي.
