سنڌ ۾ طوفان جو خطرو ٽري ويو، ٺٽي ۽ بدين ۾ تيز هوا ۽ بارش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سامونڊي طوفان جو خطرو ٽري ويو آهي پر ٺٽو، بدين ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري آهي. عربي سمند ۾ موجود ڊيپ ڊپريشن سنڌ کان پري ٿيندو پيو وڃي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي شهر ۾ شديد برساتن جو امڪان گهٽ آهي، جڏهن ته اڄ سنڌ ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلي برسات ٿي سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته ڊيپ ڊپريشن سنڌ جي سامونڊي علائقن کان وقت سان گڏوگڏ پري ٿي رهيو آهي، جمعي تائين سنڌ ۾ برسات جو امڪان گهٽجي ويندو، ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جا به امڪان گهٽ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ شديد برساتن جو امڪان موجود آهي، ڊيپ ڊپريشن ڏکڻ اولهه جي طرف وڌي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو