سنڌ ۾ بنيادي انساني حق معطل ڪيا ويا آهن: لال جروار

سڪرنڊ (ن س ) عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار وفد سميت پوليس ۽ رينجرس هٿان بيگناه قتل ڪيل چار ڄڻن جي تعذيت لاءِ ماڙي جلباڻي پھتو. وفد ۾ ستار رند، عاطف ملاح، غلام حسين سومرو، امير مغيري، لطيف ڀٽي، امتياز ڏاهري، ابراهيم کوسو، نور محمد ڏاهري ۽ ٻيا شامل. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته سرڪار جي مدعيت ۾ ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪيل ايف آئي آر جي مذمت ڪيون ٿا. پوليس ۽ رينجرس هٿان قتل ڪيل مقتولن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن مٿان سرڪار جي ايف آئي آر ڪيس لوڙهڻ جي سازش آهي. ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪيل ايف آئي آر جڙتو ۽ بي بنياد آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ بنيادي انساني حق معطل ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ رياستي ادارن جي لاقانونيت جو راڄ آهي. اسين سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ماڙي جلباڻي سانحي تي جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ۽ رياستي ادارن طرفان آئين جي ڪيل ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي ماڙي جلباڻي سانحي جي جاچ ڪئي وڃي. ماڙي جلباڻي سانحي ۾ ملوث پوليس ۽ رينجرس جي سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن سميت انھن جي سرپرست سمورن ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزائون ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو