ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 20 سيپٽمبر تائين تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي، اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد، ملتان، بهاولپور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته لوئر دير، مالاڪنڊ ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ رات جي وقت هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ٻئي طرف پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته تيز برساتن سبب مري جي جابلو علائقن ۾ دريائن ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.










