ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر دوري تي آيل پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سان گڏ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (NICVD) جو دورو ڪيو، پنجاب جي وڏي وزير انسٽيٽيوٽ ۾ مريضن جي سهولتن، علاج ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ته جيئن هو پنهنجي صوبي ۾ اهڙو ئي ادارو قائم ڪري سگهجي. پنهنجي دوري دوران ٻنهي وڏن وزيرن ايمرجنسي ۽ آءِ سي يو وارڊن ۾ مريضن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کين فراهم ڪيل سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. مريضن ۽ سندن وارثن اطمينان جو اظهار ڪندي وڏي وزير کي ٻڌايو ته کين دوائن سان گڏ مفت علاج به ڪيو پيو وڃي. پنجاب جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اين آءِ سي وي ڊي جا صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 10 سيٽلائيٽ سينٽر آهن جڏهن ته دل جي بيمارين جي علاج لاءِ مختلف هنڌن تي 17 ڪلينڪ ڪنٽينرز قائم ڪيا ويا آهن جي شهر جي مختلف علائقن ۾ پارڪ ڪيا ويا آهن جتي مريض آساني سان علاج لاءِ پهچي سگهن. پنجاب جي وڏي وزير اهم روڊن تي دل جي بيمارين جا ڪلينڪ قائم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته مريضن کي مفت صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو جديد طريقو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي نئين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طاهر صغير وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايمرجنسي کان وٺي اوپن هارٽ سرجري، اينجيوپلاسٽي ۽ اينجيوگرافي تائين سمورا علاج مفت ڪيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن پنجاب جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته دل جي نسن/ والز کي بدلائڻ تي لڳ ڀڳ 250000 رپيا خرچ اچي ٿو جيڪو NICVD مفت علاج ڪري رهيو آهي. اين آءِ سي وي ڊي جي سربراهه پنجاب جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته ٻين صوبن توڙي پاڙيسري ملڪن جا ماڻهو به اين آءِ سي وي ڊي ۾ مفت صحت جون سهولتون حاصل ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هن سال حڪومت اين آءِ سي وي ڊي/ ايس آءِ وي ڊي لاءِ 15 ارب رپيا رکيا آهن ته جيئن عوام کي بنا متڀيد جي مفت علاج فراهم ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ پنجاب جي وڏي وزير ٻڌايو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 16 اوپن هارٽ سرجريون ٿي سگهن ٿيون. ميڊيا ڳالهه ٻولهه: اين آءِ سي وي ڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سندس اين آءِ سي وي ڊي جي دوري جو مقصد ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ علاج ۽ سار سنڀال جي معيار جو جائزو وٺڻ هو ته جيئن پنجاب ۾ به اهڙو ادارو قائم ڪري سگهجي. محسن نقوي اطمينان جو اظهار ڪندي عوامي ڀلائي لاءِ اهڙو ادارو قائم ڪرڻ تي صوبائي حڪومت جي واکاڻ ڪئي. فنڊن جي ٻيهر ورڇ جو اختيار: هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته سندس نگران وزير صحت سان ڪوبه تڪرار ناهي. هن چيو ته هي مينڊيٽ جو سادو معاملو آهي جنهن جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سرجري لاءِ روبوٽس جي خريداري لاءِ بجيٽ صوبائي اسيمبلي مان پاس ڪئي وئي جڏهن ته روبوٽس جي خريداري جو ٽينڊر گذريل حڪومت جاري ڪيو هو جنهن کي نگران وڏي وزير بنا ڪنهن قانوني اختيار جي رد ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير هڪ ٻئي معاملي تي غلط فهمي ۾ مبتلا ماڻهن بابت ميڊيا کي ٻڌايو ته روبوٽس جي خريداري لاءِ فنڊن جي ٻيهر ورهاست جو معاملو به گردش ۾ آهي، جنهن تي نگران وزر صحت چاهي ٿو ته فنڊز (روبوٽس لاءِ رکيل) کي ٻيهر ورهايو وڃي ته جيئن اهي (فنڊ) اسپتال جي بهتري لاءِ استعمال ٿي سگهن. جسٽس باقر جو چوڻ هو ته نگران حڪومت هجڻ سبب کين منظور/مختص فنڊز (روبوٽس لاءِ) ٻيهر ورهائڻ جو اختيار ناهي ۽ فنڊن کي ٻيهر ورهائڻ کان انڪار ڪرڻ واري منهنجي بيان تي ميڊيا ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته ماهرن کيس ٻڌايو آهي ته چائنا جي روبوٽس جي قيمت گهٽ آهي تنهنڪري ان آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي. ڪمند جو اگهه: ان کان اڳ سنڌ ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزيرن سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته هن ڪمند جو اگهه 400 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي. جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير جسٽس مقبول باقر چيو ته هارين پاران ڪل لاڳت تي غور ڪرڻ کانپوءِ في مڻ اگهه مقرر ڪيو ويو آهي ۽ کيس 12.5 سيڪڙو منافعو پڻ ڏنو، ان کان علاوه وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪمند ۾ سڪروز جو مقدار پنجاب جي ڪمند کان وڌيڪ آهي تنهنڪري سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه هميشه پنجاب جي ڪمند کان ٿورو وڌيڪ مقرر ڪيو ويندو آهي. ڪچي جو آپريشن: ٻنهي وڏن وزيرن سنڌ ۽ پنجاب جي دريائي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل ڪلين اپ آپريشن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جسٽس باقر ۽ محسن نقوي اتفاق ڪيو ته جيڪي هٿيار خريد ڪيا ويا اهي جلد ملي ويندا، تيستائين سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهڻو هيٺ اچي چڪو هوندو ۽ آپريشن شروع ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو به نه ٿيندو. پنجاب جي وڏي وزير سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو پنهنجي لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي (LDA) جي ٽيم ڪراچي موڪليندو ته جيئن ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي ۽ ايم ڊي اي جي انجنيئرن ۽ ماهرن سان ملاقات ڪري ڪراچي ۾ لاهور جيان ترقياتي ماڊل تيار ڪرائي سگهجي.
