ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا لوڪل ڪائونسلن لاءِ مخصوص سيٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ ڪابينا جي فيصلي موجب اهي مخصوص سيٽون 6 ڪيٽيگريز لاءِ آهن، جن ۾ عورتون، نوجوان، مزدور، هاري، غير مسلم، خاص ماڻهو، مزدور ۽ خواجہ سرا شامل آهن.سنڌ ڪابينا غذائيت جي خاتمي واري پروگرام جو ڪنٽرول پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سنڌ ڪابينا جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي ملنٽريشن پروگرام يونٽ پي پي ايڇ آءِ هلائيندو.سنڌ حڪومت 2016ع ۾ فوڊ ايمرجنسي پروگرام جي شروعات ڪئي هئي، جنهن تحت ايڪسيلريٽڊ ايڪشن پلان تحت سنڌ حڪومت فوڊ ايمرجنسي پروگرام شروع ڪيو هو.صحت کاتي تيز رفتار ايڪشن پلان جي عالمي بئنڪ جا هدف حاصل ڪري ورتا آهن.










