4 اعليٰ پوليس آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس جي 4 اعليٰ پوليس آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن موجب اڄ چئن سينيئر ايڊيشنل آءِ جيز جي مقررين جا حڪم جاري ڪيا ويندا.پوليس ذريعن موجب خادم حسين رند بلوچ کي ڪراچي پوليس چيف، جڏهن ته سينيئر پوليس آفيسر عمران يعقوب منهاس کي اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين مقرر ڪيو پيو وڃي.پوليس ذريعن موجب جاويد عالم اوڍو کي آءِ جي جيل خاني جت سنڌ مقرر ڪيو پيو وڃي.پوليس ذريعن موجب منير احمد شيخ کي ايڊيشنل آءِ جي موٽر وي جڏهن ته فرحت جوڻيجو کي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو