سنڌ پنجاب دنگ وٽ قتل ٿيل ڳوٺاڻن جي جنازي نماز ادا

اوٻاوڙو (ن س)اوٻاوڙو لڳ ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پنجاب پوليس جي ٻن اهلڪارن ڄام ارشاد ۽ قاسم جي نماز جنازه صادق شهيد پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي نماز جنازہ ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سميت ايڊيشنل آئي جي سائوٿ پنجاب مقصودالحسن ، آر پي او بهاولپور، رائي بابر سعيد ، ڊي پي او رحيم يار خان رضوان عمر گوندل ، ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان شڪيل احمد ڀٽي شرڪت ڪئي ٻي پاسي سولنگي برادري جي پنج ڄڻن پرويز ، شعبان ، حفيظ ، شهزاد ، وزير ۽ سيلرا قبيلي جي عورت حميده جي نماز جنازه ماڇڪي ۾ ادا ڪئي وئي جتي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد آلين اکين سان مقتولن کي اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو