حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ ناميارو قانوندان اياز لطيف پليجي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن کي رد ڪندي چيو آھي تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميرٽ کي قتل ڪري ڪروڙين روپيا رشوت وٺي ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن جي خاص ماڻھن کي نوڪريون وڪرو ڪيون آھن. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازن ميونيسيپل آفيسرز جي امتحانن ۾ سفارش، رشوت ۽ ناانصافي خلاف سوين اميدوارن فون ۽ ميسيجيز ڪيا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي نوجوانن سان ان متڀيد ۽ زيادتي خلاف مستقبل جي سمورن مرحليوار قانوني ۽ پروسيجرل قدمن لاءِ ضروري آھي تہ ھر اميدوار ليگل بنياد رکڻ جو آغاز ڪري.اياز لطيف پليجي پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي متاثر نوجوانن جي قانوني مدد لاءِ ھڪ ڊرافٽ رکيو چيو آھي تہ سمورا متاثر اميدوار ڊرافٽ ڪيل ليٽر وزير اعلي سنڌ، گورنر سنڌ، سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين اختيارين ڏانھن اماڻي پڻھنجي ضلعن ۽ شھرن جي وڪيلن ذريعي عدالت جو در کڙڪائين. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي 15 سالن ۾ سنڌ جي ھر اداري ۾ ڪرپشن جو ڄار پکيڙي ڇڏيو آھي. ڪرپٽ وزير ۽ وڏيرا سنڌ جي ترقي بدران سنڌ جي وسيلن تي سوار ٿي اربين ۽ کربين روپيا لٽڻ چاھين ٿا. سنڌ کي ڪرپشن جي دلدل مان ڪڍڻ لاء ڊگھي جدوجھد جي ضرورت آھي. سنڌ جا استاد، شاگرد، ھاري، پورھيت، وڪيل ۽ ٻيا مڪتبه فڪر جا ماڻھو جدوجھد جي ميدان تي اچن.
