ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ نواز ليگ طرفان ڪراچي ۾ ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي،نواز ليگ چيو آهي ته سنڌ ياترا جو مقصد واضح آهي ته اسان سياسي توڙي سماجي رابطا بحال ڪرڻ آيا آهيون، خواجا سعد رفيق ۽ اياز صادق پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي يو آءِ اڳواڻن ۽ پير پاڳاري سان 8 فئبروري تي ٿيندڙ چونڊن بابت ڳالهيون ٿيون، پاڳاري سان طئي ٿيو ته اڳتي به رابطا جاري رکيا ويندا، اڄ شام ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان به ملاقات ٿيندي،هنن چيو ته جي ڊي اي سان اتحاد ڪهڙي سطح جو هوندو ان بابت وقت اچڻ کان پوءِ خبر پوندي، سنڌ ۾ وڌيڪ يونٽ ٺاهڻ بابت ايم ڪيو ايم اهڙو ڪو به مطالبو ناهي رکيو، ن ليگ جو وفد اڄ ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادرآباد جو دورو ڪندو، وفد ۾ اياز صادق، خواجه سعد رفيق، بشير ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، ذريعن موجب ليگي اڳواڻن جو وفد ايم ڪيو ايم قيادت کي پارٽي سربراهه نواز شريف جو پيغام پهچائيندو، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم طرفان وفد آڏو اهم مطالبا رکيا ويندا، ايم ڪيو ايم جي چارٽر آف ڊمانڊ ۾ سنڌ ۾ نئين صوبي سان گڏ آئيني ترميمون به شامل آهن
