سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار چونڊ نتيجا پڌرا، ريحان عزيز صدر چونڊجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڇنڇر تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن جون سالياني چونڊون ٿيون، جنهن حوالي سان اليڪشن ڪميٽي غير حتمي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو ، اعلان ڪيل نتيجن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ صدر ريحان عزيز ملڪ، سرفراز ميتلو جنرل سيڪريٽري جي پوسٽ تي 1100 جي ليڊ سان ڪاميابي ماڻي ورتي، گڏوگڏ جوائنٽ سيڪريٽري غلام اصغر پٺاڻ، ٽريزرار حڪيم شر، ايڊيشنل سيڪريٽري خزانه عورت گل ناز سيٽ تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي. هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن پاران پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري اميدوار کي ڪامياب بڻايو ۽ کين ڪامياب اميدوارن کي گلن جا هار پارائي کين مبارڪون پڻ ڏنيون. نتيجن اعلان کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن ساٿي سنڌي گيتن تي جھومي پيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي سنڌي ڪلام ھلائي وڪيل جھومي پيا، جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙ بئريسٽر سرفراز ميتلو جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو