اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو آهي ته ڪينال ڪڍيا پيا وڃن پر پاڻي ڪٿان ايندو؟ سنڌ لاءِ پاڻي جو مسئلو اڄ کان نه پر هميشه کان رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته وفاق وڏي ڀاءُ جيان هوندو آهي، ننڍي ڀاءُ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، احتجاج سندن حق آهي. پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته سنڌ جو پاڻي اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌو درياهه مان پاڻي کنيو ويندو ته سنڌ سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندي.پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته فارمولي تحت به هر سال 25 کان 30 سيڪڙو پاڻي گهٽ ئي ملندو آهي، سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ صبح سان اٿي فيصلو ڪيو ويو ته چولستان کي آباد ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته هنن پنهنجو ڪيس گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو آهي پر حڪومت طرفان سي سي آءِ جو اجلاس نٿو گهرايو وڃي.










