ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالوجي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن کي انٽرن شپ فراهم ڪرڻ ۽ لاڳاپيل يونيورسٽين ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبز جي قائم ڪرڻ ۾ يونيورسٽين جي مدد ڪرڻ لاءِ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي يونيورسٽيز سان گڏ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن. اها ڳالهه هن ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر يونيورسٽي جي پهرين بيج تي تربيت حاصل ڪرڻ وارن شاگردن کي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي آفيس ۾ تربيت مڪمل ڪرڻ جي بعد سرٽيفڪيٽ ڏيندي چئي. اتي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته اها سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ ايگريڪلچر يونيورسٽي آف ٽنڊو ڄام جي وچ انٽرن شپ ٽريننگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ايم او يو جو حصو آهي. سنڌ فوڊ اٿارٽي يونيورسٽي جي فوڊ سائنسز ڊپارٽمينٽ ۾ ليبارٽري جي اپگريڊيشن ۾ پڻ مدد فراهم ڪندي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين اميد ظاهر ڪئي ته ڄاڻايل شاگردن جي پيشيوارانه زندگي ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
