ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)نگران سنڌ حڪومت پاران سمورن کاتن کان سياسي ڀرتين جي ڊيٽا طلب ڪئي وئي.ڊپارٽمينٽ آف سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن سمورن سيڪريٽرين ۽ ڪمشنرن کي خط لکيو آهي.خط چيف سيڪريٽري سنڌ جي هدايتن تي لکيو ويو آهي ته گذريل حڪومت دوران ڪيل سمورين سياسي ڀرتين جي ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي.










