سنڌ جو اليڪشن ڪميشن کي مڪاني چونڊ ملتوي ڪرڻ لاءِ نئون خط

سنڌ جو اليڪشن ڪميشن کي مڪاني چونڊ ملتوي ڪرڻ لاءِ نئون خط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي نئون خط لکي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون وري ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي هڪ ٻيو خط لکيو آهي، جنهن ۾ تڪ بندين جي درستگي ۽ تبديلي لاءِ ايم ڪيو ايم جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن جو به حوالو ڏنو ويو آهي.صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ مڪاني تڪ بندين ۾ تبديلي، قانوني نڪتن تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي راءِ به شامل ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ڪراچي ۾ مڪاني تڪ بندين ۾ تبديلي جو امڪان آهي ۽ مڪاني چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿيڻ جو خدشو آهي.سنڌ حڪومت طرفان لکيل خط تي اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪندي.واضح رهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي شيڊيول آهن، جڏهن ته مڪاني چونڊون ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ملتوي ٿي چڪيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي راءِ ۽ عدالتي فيصلن جي روشني ۾ تڪ بنديون نئين سر ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو