ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي 3 رڪني وفد ملاقات ڪئي.وڏي وزير جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال به موجود هئا.ترجمان موجب ايم ڪيو ايم جي وفد سنڌ جي نگران وڏي وزير کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.ان ملاقات جي حوالي سان ترجمان جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي وفد شهري علائقن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته اسٽريٽ ڪرائم، منشيات ۽ لاقانونيت خلاف پوليس کي واضح حڪم ڏئي ڇڏيا آهن، پوليس ۾ وڏي پيماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، اميد آهي ته سٺا نتيجا نڪرندا.سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو آهي ته نگران حڪومت جو بنيادي ڪم چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي مدد فراهم ڪرڻ آهي، سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪندي.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد چيو ته توهان جي ساک تمام سٺي آهي ۽ اسان کي توهان تي پورو اعتماد آهي، 15 سالن کان شهري علائقن ۾ ڪيترائي مسئلا آهن.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفد چيو ته اميد آهي ته نگران سيٽ اپ عوام کي رليف فراهم ڪندو، نگران حڪومت جي اهم ذميواري آهي ته شفاف چونڊن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.
