سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ دوران ڪوهيڙي سبب زندگي مفلوج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ دوران ڪوهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻيل، ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿيڻ لڳو آهي،ٿڌ ۽ ڪوهيڙي سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، دادو، واهي پانڌي، دوڙ، ڪنڊيارو، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهيو، گپچاڻي، ڀريا سٽي، اڳڙا، سنگرار، بهرام، فيض گنج، ڪوٽ لالو، مبارڪپور ۽ ٻين شهرن ۾ به شديد ڪوهيڙو رهيو، سجاول جوڻيجو، اڪري چودڳي، ڪنڌرا، مورو، سلطان پور، منهڙو، گمبٽ، هنڱورجا، ميهڙ، پير وسڻ ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪوهيڙو رهيو، موهن جو دڙو ويجهو ڪوهيڙي دوران گڏهه گاڏي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر سبب پرائمري استاد نصير هيسباڻي فوت ٿي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو