سياحت کاتي پاران صوبي ۾ ٽورازم پوليس يونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)نگران صوبائي وزير سياحت، ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ ارشد ولي محمد سڄي صوبي ۾ ٽورازم پوليس يونٽس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان قدم جو مقصد سنڌ کي هڪ اهم ۽ محفوظ سياحتي ماڳ طور متعارف ڪرئڻ آهي. سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت سنڌ حڪومت خالد چاچڙ سنڌ جي اهم سياحتي هنڌن تي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ لاءِ گهرو کاتي کي باضابطه طور تي درخواست ڪئي آهي. ان فورس کي سياحت تي ڌيان ڏيندڙ پوليسنگ جي تربيت ڏني ويندي، ثقافتي حساسيت، رابطي ۽ ايمرجنسي رد عمل تي ڌيان ڏيندي، مهمانن لاءِ خوش آئند ۽ محفوظ ماحول پيدا ڪيو ويندو. ٽورازم پوليس جو قيام سنڌ حڪومت جي ان عزم جو عڪس آهي ته سياحن جي ڀلائي کي يقيني بڻائي پائيدار سياحت کي فروغ ڏنو وڃي. اهو قدم صوبي ۾ سياحت جي لاڙي ۾ واڌاري، اقتصادي ترقي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي لاءِ راهه هموار ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو