حيدرآباد (ن س ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار بدين ۾ اڄ نڪرندڙ عظيم الشان ريلي جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاء تياري ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ (15) آڪٽوبر تي بدين شھر ۾ سنڌ جي زندگي ۽ موت جھڙن بنيادي مسئلن تي ريلي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ريلي ۾ ھزارين سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن سميت سياسي سماجي اڳواڻ آبادگار سول سوسائٽي جا نمائندا صحافي ۽ وڪيل شرڪت ڪندا. سنڌ جي زمينن جي نيلامي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوام کي منظم پرامن جدوجھد ڪرڻي پوندي. سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ ڀرپور عوامي جدوجھد جي ضرورت آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ غير قانوني غير ملڪين جي انساني ٻوڏ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڊجيٽل آدمشماري وسيلي لکين غير قانوني غير ملڪين کي قانوني تحفظ ڏئي سنڌين کي پنھنجي تاريخي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪري ڌرتي ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي وئي آهي. ڪوڙي ۽ بوگس آدمشماري ۾ ٺٽي خيرپور ۽ سانگھڙ ضلعن جون قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون ختم ڪري دھشتگردن کي ڪراچيء ۾ ھڪ قومي ۽ ٽي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون وڌائي ڏيڻ جو مقصد ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري نئون صوبو ٺاھڻ جي منصوبا بندي ڪئي وئي آھي. گذريل 15 سالن کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي سنڌ جي اڄوڪي تباهي جو جواب ڏئي. پيپلز پارٽي هن وقت سنڌ جي تباهي ۽ وسيلن جي نيلامي جي ذميوار آهي. سنڌ کي غير ملڪي دهشتگردن ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. سنڌ جي زمينن جي نيلامي فوري طور بند ڪري لکين ايڪڙ سرڪاري زمينون بي زمين ھارين ۾ ورھايون وڃن.لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ گهربل اپاءَ ورتا وڃن ۽ لکين غير ملڪين جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري ملوث آفيسرن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.
