سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق

حيدرآباد (پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب سميت مختلف نالن سان سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان “سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا بچايو” جي عنوان سان حيدرآباد پريس ڪلب جي هال ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. سنڌ جي ساڃاهه وندن طرفان زمينن تي قبضن خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته 2007ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي طرفان اصلوڪن رهاڪن جي حقن جي تحفظ لاءِ پاس ڪيل قرارداد تي عمل ڪيو وڃي. اسپيشل انوينسٽيمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل کي مليل بي تحاشا اختيار 1940ع جي قراداد ۽ آئين جي ارڙيهين ترميم جي خلاف ورزي آهن، ان ڪري هن غيرآئيني اداري تحت ٿيندڙ سمورا فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا وڃي. هن (سِفڪ) جهڙي غيرآئيني اداري کي فورن ختم ڪيو وڃي. زرعي انقلاب ۽ نام نهاد ڪارپوريٽ فارمنگ تحت سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، سرائيڪي وسيب ۽ بلوچستان جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا بند ڪيا وڃن. سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ جو سلسلو فورن بند ڪيو وڃي. گرين ڪارپوريشن انيشيٽو ڪمپني کي وفاقي حڪومت جي ايڪانامڪ ڪوآرڊينشن ڪميٽي طرفان 200 ارب روپيا جاري ڪرڻ واري فيصلي کي ملڪي ناڻي تي ڌاڙو قرار ڏنو ويو. ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمره سمون، عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو، سرائيڪستان قومي اتحاد جي سربراه غلام فريد ڪوريجا، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لال شاه، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر علي نواز ڏاهري، ناليواري اديب جامي چانڊيو، مسعود نوراني، سماجي اڳواڻ نور محمد بجير، سينيئر صحافي ۽ ليکڪ اسحاق مڱريو، اقبال ملاح، دستگير ڀٽي، ناليواري اديب يوسف سنڌي، اديب ۽ ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز ميمڻ، شفيع مرگر، ليکڪ منير چانڊيو، حفيظ قريشي، پروفيسر مشتاق ميراڻي، فهيم نوناري، ڊاڪٽر بدر چنا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ستار رند، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، اييڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، نور نبي پليجو، ڄام تماچي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، عوامي علمي ادبي فورم جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ادريس لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح سميت سنڌ جي مختلف اديبن، ساڃاهه وندن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته ملڪ جي سمورين قومن جي زمينن تي هڪ اداري جي اجاريداري ۽ قبضاگيري خلاف سموري ملڪ جي مظلوم قومن ۽ عوام جي سگهاري اتحاد جي ضرورت آهي. ملڪ جي عوام دوست قوتن کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي 2007ع واري قرارداد جي آرٽيڪل 10 ۾ واضع لکيل آهي ته مقامي ماڻهن کي ڪير به زوري لڏائي نٿو سگهي پر بدقسمتي سان پاڪستان جو حڪمران طبقو ملڪ ۾ انساني حق معطل ڪري عالمي قانونن جا ليڪا لتاڙي رهيو آهي. هن چيو ته سڪرنڊ ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي جبري طور لڏايو پيو وڃي جنهن خلاف متاثر ماڻهو پنهنجي وس آهر احتجاج به ڪري رهيا آهن. مقامي ماڻهن کي جبري لڏائي بحرياٽائون جهڙيون قبضاگير ڪالونيون ۽ فوجي ڇانوڻيون ٺاهڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين تي انساني حقن جي تنظيمن جي مجرمانه خاموشي افسوسناڪ آهي. هيومين رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو وڃي نالو بچيو آهي، باقي هن ڪميشن جو عملي ڪم بند ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي پٽي تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حُڪومت اقتدار خاطر سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪرو ڪري ڇڏيا آھن ۽ لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ بدران انھن جي سھولتڪار بڻيل آھي. سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي کان گذريل پندرھن جو حساب ڪتاب وٺي احتساب ڪري. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته پنجاب جي حڪمران طبقي طرفان جوڙيل گرين ڪارپوريشن انيشيٽو ڪمپني ايسٽ انڊيا ڪمپني جيان آهي جيڪا ملڪ جي مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ اڳيان اڳيان آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو چيو ته سنڌ سميت ملڪ جي مظلوم عوام جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا تمام وڏو مسئلو آهن. جيئن ڪالاباغ ڊيم خلاف مسلسل جدوجهد ڪئيسين تيئن ئي هن قبضاگيري خلاف به مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوندي. دي انٽيل ايڪچوئل فورم جي اڳواڻ مسعود نوراني چيو ته سنڌين ۾ ٻڌي جي سخت ضرورت آھي. اسان کي سوڀون گھر ويٺي ڪو نه ملنديون پر بھادريءَ سان جدوجھد ڪرڻي پوندي. ناليواري اديب جامي چانڊيو چيو ته پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ قدرتي وسيلن جي کوٽائيءَ جي نالي ۾ جوڙيل منصوبا غيرآئيني، عوام دشمنن، ماحول دشمن ۽ پورھيت دشمن آھن. اھي منصوبا ملڪ کي سامراجي ادارن جي ڪارپوريٽ ادارن جي حوالي ڪرڻ برابر آھن. انھن منصوبن کي ملڪ جي سمورن صوبن جي عوام ۽ عوام دوست ڌرين سان گڏجي انھيءَ خلاف مزاحمت ڪرڻ ھن وقت جي گھرج آھي. عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلھو چيو ته اسان کي غريب عوام مان اميدون آھن، اسان انھن پورھيتن سان گڏجي جدوجھد ڪري ممڻ مچائينداسين. عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ لال شاھ چيو ته زمينن ۽ وسيلن تي تيزيءَ سان قبضا ٿي رھيا آھن. سرائيڪستان قومي اتحاد جي سربراھ غلام فريد ڪوريجا چيو ته مظلوم قومن ۽ طبقن جي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو سامراجي منصوبو آھي. سنڌ سان گڏ چولستان جي زمينن تي به قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائير علي نواز ڏاهري چيو ته زرعي انقلاب جي نالي تي هارين کي بي دخل ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. هارين کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ واري ڪڌي ڪم کي ترقي جو نالو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ هٿ وٺي زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمره سمون چيو ته ڪارپوريشن انيشيٽو ڪمپني کي ڏنل 200 ارب واپس وٺي ان رقم مان عورتن لاءِ گهريلو هنرن جي صنعت قائم ڪئي وڃي. گهريلو هنر جي صنعت کي هٿي وٺرائي وڃي. عسڪري ادارن جو ڪم بارڊر سنڀالڻ آهي، معيشت سنڀالڻ لاءِ هارين ۽ مزدورن کي سهولتون ڏئي اڳتي آندو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون عسڪري ادارن کي ڏيڻ جو فيصلو عوام دشمن فيصلو آهي. ايڊووڪيٽ اسماعيل خاخيلي چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سنڌين کي به فلسطينين جيان سندن وطن ۾ ئي بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ان تي قبضو ڪندڙ حڪمران ٽولي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ ۾ وسان ڪون گھٽايو آھي. بدقسمتي سان ھن سڄي ڪڌي عمل ۾ سنڌ جو غدار وڏيرو طبقو سھولتڪار ۽ مددگار بڻيل آھي. ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز چيو ته اسان کي ڳالهيون ڀليون ڪرڻ گهرجن پر انهي سان گڏ اسان کي عملي طور ڪم ڪرڻو پوندو. سينئر صحافي اقبال ملاح چيو ته زمينن ۽ وسيلن تي قبضن ۾ پيپلزپارٽي به ملوث آھي. پي آءِ اي جي نجڪاري پئي ٿئي اسٽيل مل وڪرو ڪيو پيو وڃي. هي هڪ وڏو بحران جنم وٺي پيو. هن فورم.تي مطالبو ڪيون ٿا ته جيڪي به زمينون آهن اهي هارين کي ڏيو، ڪمپينن کي جڏهن توهان زمينون ڏيندا ته اهي توهان کي غلامي ڏيندا. ھن چيو ته يقين آهي ته هي ڪانفرنس وڏا نتيجا ڏيندي. سنڌ صحافي اتحاد جي سربراه نعمت کهڙو چيو ته وطن جي بقا ۽ سلامتي جو مسئلو هجي ته سڀ ڳالهيون وساري گڏجڻو پوندو. سنڌ جي زراعت کي هٿرادو تباه ڪيو ويو آهي. زرداري مافيا بحريا ٽائون جي نالي 60هزار زمينن تي قبضو ڪري ورتو آهي گورک هل تائين زمينن تي قبضا ٿيل آهن. سنيئر صحافي دستگير ڀٽي چيو ته هن وقت اسان جي صورتحال به فلسطين جهڙي آهي. سنڌ جي غدارن کي سڃاڻڻو پوندو ۽ انهي کان پوءِ سوڀ ماڻي سگهنداسين. سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي سنڌ جي زمينن والار ڪئي وئي آهي. سنڌ جي عام ماڻهن جي حقن تي راتاهو هنيا ويا آهن. سماجي اڳواڻ نورمحمد بجير چيو ته هن مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڪمپينن جو هڪ منصوبو آهي جنهن م غريبن کي وڏو نقصان آهي.اسان وٽ 1969 کان اهڙا تجربا آهن ته دنيا م ڪيترو نقصان پهتو آهي هي. سنڌ جون زمينون جڏهن ڪمپينن حوالي ٿينديون ته مقامي ماڻهو دربدر ٿي ويندا. ڪمپنين جو ماحول سان ۽ ماڻهن سان ڪو تعلق ناهي هو پنهنجي بزنس جي ڪري ڪن ٿا. قومي سطع تي اتحاد ٿيڻ جي ضرورت آهي هڪڙو محاذ نه هجي قومي صوبائي ۽ ملڪي سطع جو هجڻ گهرجي. پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته پي ڊي ايم حڪومت تيزيءَ سان عوام دشمن قانونسازي ڪئي، ھنن بل پڙھڻ بنا ئي پاس ڪيا. زمينن جي قبضي ۾ پيپلز پارٽي برابر جي شريڪ آھي. بل بنا پڙھڻ جي ئي پاس ڪيا. شفيع مرگر چيو ته ادريس لغاري چيو ته ھڪڙي پاسي ساحلي پٽي جون زمينون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي، ٻيون جيڪي بچيون آھن، انھن تي وفاقي ادارا قبضو ڪرڻ چاھين ٿا. زمينن تي قبضڻ سبب بک ۽ بدحسنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ بدر ابڙو چيو ته اهو ڪنهن جو به حق ناهي ته لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪري. جهموري انداز ۾ جدوجهد تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙا سيمنار ڪراچي ۽ اسلام آباد م به ٿيڻ گهرجن. اديب منير چانڊيو چيو ته اسان ھي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، اسان جو ڪارونجهر اسان جو درياءُ مطلب ته هر جاءِ قبضاگيرن جي اک ۾ آھي. سينئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته اليڪشن جي موضوع کي تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي زمين لکين ايڪڙ زمين سيڙپڪاري جي نالي ۾ ڏني وئي آھي. اليڪشن جي موقعي تي ڊيرا اسماعيل خان ۾دھشتگردي جو واقعو اليڪشن کي ملتوي ڪرڻ جي سازش آھي. فوڊ سڪيورٽي جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون وٺڻ جي بدران ھارين ۾ ورھائي وڃي ته فوڊ سيڪورٽي بحال ٿي سگهي ٿي. هن ملڪ جون سڀ ڍنڍون تباه ڪيون ويون آهن. ڍنڍن م، شگرملز جي آلودگي ڇوڙ ڪئي وڃي ٿي. ھن مطالبو ڪيو ته سنڌ جون ڍنڍون بحال ڪيون وڃن. سماجي اڳواڻ فهيم نوناري چيو ته عالمي سامراجي سازش تحت سنڌ جون زمينون سنڌ جا وسيلا نيلام ڪيا پيا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ به اسان جا اديب خاموش آهن. سنڌ جي دانش اڄ ستي پئي آهي. هن وقت ضرورت آهي سڀ متحد ٿيون. سڪرنڊ ۾ فوجي ڇانوڻي سبب زمينن تي ٿيندڙ والار جي متاثر راجا ارشاد چيو ته روينيو وارن کاتا تبديل ڪري اسان جي ابن ڏاڏن جي زمينن کي به سرڪاري زمين ڄاڻايو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڪوڙن کاتن ۾ ڪيل تبديل واپس وٺي روينيو جي ڪرپٽ عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي پنهنجي ابن ڏاڏن کان وٺي مليل زمين ۽ ان جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن….پاڪستان جو بنياد 1940ع جي تاريخي قرارداد تحت پيو آھي پر ان تي عمل ڪرڻ بدران 76 سالن کان ملڪ تي قابض حڪمران ٽولي پنھنجي ذاتي ۽ گروھي مفادن خاطر پاڪستان کي ھڪ آزاد، خودمختيار، جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ بڻائڻ بدران فوجي مارشل لائن ۽ سول آمريتن وسيلي ملڪ کي سامراجي قوتن حوالي ڪري تاريخي خودمختيار قومن جي وسيلن ۽ حق حڪمراني تي ڏاڍ ذريعي قبضا ڪيا. سنڌ جي سون جھڙين زرخيز زمنين، شھرن، نوڪرين، معدني وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي ڊگھي تاريخ آھي. ملڪ ٺھڻ شرط سنڌ ۾ ٻين صوبن ۽ ملڪن مان ڌارين جون لوڌون آڻي انھن کي آباد ڪيو ويو. اويڪيو پراپرٽي ۽ ڪوڙن ڪليمن جھڙا ڪارا قانون ٺاھي سنڌين جون زمينون ڌارين حوالي ڪيون ويون. سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن جون لکين ايڪڙ زمينون سول بيوروڪريسي، رانديگرن، فوجي جنرلن ۽ غير سنڌين کي الاٽ ڪري ڏنيون ويون. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذوالفقارآباد، ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ مختلف رھائشي اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌين جون لکين ايڪڙ زمينون ملڪ رياض ۽ ٻين قبضا مافيائن کي ڏنيون ويون ۽ ھاڻي وري زرعي انقلاب جي نالي ۾ ڏنڊي جي زور تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو جاري آهي. پاڪستان ۾ شامل تاريخي خودمختيار آزاد قومن کي غلام بنائي، ڏنڊي ۽ طاقت جي زور تي قومن جي حق حڪمراني، زمينن، شھرن، مال، دولت، معدني وسيلن تي قبضا ڪري ملڪ کي ڦري، لٽي معاشي طور ڏيوالو ڪڍي پاڪستان کي آمريڪي سامراج وٽ مڪمل گروي رکي ڇڏيو آھي. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان موجوده معاشي بدحالي ۽ انتھاپسندي جو شڪار آهي. جيڪو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي. زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وفاق جي حوالي ڪرڻ کي سنڌ جو عوام سنڌ جي قومي وجود مٿان وار سمجھي ٿو. زمينن تي قبضو ”ڪارپوريٽ فارمنگ“ جي نالي ۾ ھجي يا ”سلامتي “جي نالي ۾، ”پاڪستان ”جي نالي ۾ ھجي يا ڪنھن ”مقدس“ شئي جي نالي ۾، اھو سراسر، ڏاڍ جي زور تي قبضو آھي، اھو سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش آھي. اھو قبضو غيرانساني آھي، غير اسلامي آھي، عالمي قانونن، گڏيل قومن جي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي آھي. سنڌ جي زمينن تي اصل حق سنڌ جي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جو آهي. اھا ھڪڙي تاريخي حقيقت آھي ته 76 سالن کان پاڪستان جي اقتدار تي قابض حڪمران ٽولي طرفان پاڪستان ۾ مقدس ۽ وڏن نعرن جي چوغي ۾ قومن جي حقن، وسيلن، زمينن تي قبضي ڪرڻ جي روايت نئين نه آھي. لياقت علي خان ۽ ان جي ٽولي ”مسلم قوميت“ ۽ ”پاڪستاني قوميت“ جو نعرو ھڻي سنڌ جي شھرن، وسيلن، مال، ملڪيت، نوڪرين تي قبضو ڪيو. نام نھاد برابري (پيرٽي) جي نالي ۾ صوبن يعني سنڌين، بلوچن، پشتونن جي وطنن تي مشتمل وحدتن کي ختم ڪري ون يونٽ مڙھيو ويو. جنرل ايوب ملڪ ۾ مارشل لا ھڻي ون يونٽ دوران سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون سول بيوروڪريسي سميت رانديگرن، ڌارين ۽ فوجين کي ڏنيون ۽ ملڪ جي ٽن دريائن کي وڪڻي ڇڏيو. جنرل ضياءَ پنھنجي آمريت کي جاري رکڻ لاءِ ”اسلام “جي نالي ۾ ملڪ کي انتھاپسندي جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ اڃان تائين مذھبي انتھاپسندي، جنونيت ۽ دھشتگردي جي حوالي آھي. جنرل پرويز مشرف “سڀ کان پھرين پاڪستان” جو نعرو ھڻي لبرل ھجڻ جو ڊرامو ڪري سنڌ جي شھرن کي دھشتگردن جي حوالي ڪري ملڪ کي مڪمل طرح آمريڪا جي ڪالوني بنائي ڇڏيو. ايتري حد تائين جو پاڪستاني شھرين کي آمريڪا جي حوالي ڪيو. جنرل باجوه جي سرپرستي ۾ عمران خان”رياست مدينه“، “انصاف جي حڪمراني” ۽ ”نئين پاڪستان“ جا ڪوڙا نعره ھنيا، جن پاڪستان کي موجوده صورتحال ۾ پھچائي ڇڏيو. پي ڊي ايم سرڪار ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي معاشي ڏيوالي مان ڪڍڻ جي نالي ۾”اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل“ وسيلي زرعي انقلاب جو نعرو ھنيو آھي. جنھن تحت نگران سرڪار سنڌ سميت پاڪستان جي مظلوم قومن جي زمينن تي قبضن جو ناجائز، غير قانوني، غير شرعي ۽ غير اخلاقي سلسلو شروع ڪيو آھي. سنڌ سميت پاڪستان جو عوام سمجھي ٿو ته زرعي انقلاب جي نعري ۾ سنڌين سميت بلوچن، سرائڪين، پختونن، ڪشميرين ۽ گلگتين جي زمينن، وسيلن، پاڻي، جبلن ۽ ڪچي تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ھي دنيا جو واحد زرعي انقلاب آھي جنھن ۾ نه ھاري شامل آھن، نه آباد گار شامل آھن، نه وري ملڪي زرعي ماھر شامل آھن. ھي زرعي انقلاب اھي پيا آڻين جن جو اصل ڪم ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ آھي پر پاڪستان مٿان عالمي سامراجي طاقتن جي بالادستي جي سبب اھي پاڪستان جي سياست کان ويندي معشيت، مختلف قومن جي زمينن ۽ قومي وسيلن تائينِ ھر شيءَ تي قبضو ڪري ويٺل آھن. سنڌ جو عوام سمجھي ٿو ته پي ڊي ايم سرڪار ۽ پيپلز پارٽي ويندي ويندي غير جمھوري طاقتن سان ڳٺ جوڙ ڪري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جوڙي ننڍن صوبن جي معدنيات، زمينن ۽ وسيلن تي زرعي انقلاب ۽ معاشي ترقي جي آڙ ۾ قبضن جو لائسنس ڏئي ڇڏيو. پي ڊي ايم ۽ پي پي پي سنڌ سميت ٻين قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي جي سھولتڪار آھن. پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي سرڪار جو اھو عوام دشمن فيصلو عالمي قانونن، اسلامي قانونن ۽ انساني حقن جي خلاف آھي، تنھنڪري ان فيصلي جي ڪا به قانوني ۽ اخلاقي حيثيت نه آھي. واضح رھي ته 2007ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي طرفان زمينن تي اصل رھواسين جي حق کي بنيادي انساني حق تسليم ڪري، انساني حقن جي پڌرنامي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پڌرنامي ۾ زمينن، علائقن ۽ وسيلن تي ان علائقي جي اصل رھواسين جي حق سميت انھن زمينن، علائقن بابت حڪمت عملين ٺاھڻ جو حق به صرف اصلوڪن رھواسين جو آھي. اھو حق زمينن، علائقن ۽ وسيلن تي اصل رھواسين جو ثقافتي حق پڻ آھي. سنڌ ۽ وفاق جي نگران حڪومت جنھن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري فقط چونڊون ڪرائڻ آھي. نه موجوده نگران سرڪار ۽ نه ئي وري ڪنھن به چونڊيل حڪومت کي ڪو اخلاقي ۽ قانوني حق آھي ته اصلوڪن ۽ قديمي رھواسين سنڌين، بلوچن ۽ سرائڪين جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪري يا ٻي ڪنھن جي حوالي ڪري. رپورٽن موجب سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف منصوبن لاءِ وفاق حوالي ڪرڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن. جنھن مان عرب ملڪن کي ”اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل“ تحت سنڌ جي 13 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين وفاق ذريعي ڏني ويندي. ان منصوبي تحت شروعاتي طرح سنڌ جي 52 ھزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان به ھزارين ايڪڙ زمين فوج سان لاڳاپيل ”گرين پاڪستان انيشيٽو پرائيوٽ لميٽڊ“ ۽ ٻين ڪمپنين جي حوالي ڪرڻ وارو حڪمرانن جو ھي فيصلو غير قانوني، غير اخلاقي، غير جمھوري آھي. وڌيڪ زمين وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي زمين جا تفصيل ھنگامي طور ڏيڻ جا حڪمناما جاري ڪيا ويا آھن. زرعي فارمنگ لاءِ سنڌ جي 13 لک زمين مان ٽنڊو محمد خان ۾ 2190 ايڪڙ ، دادو ضلعي جي ڪاڇي ۽ ٻين علائقن جي 67 ھزار 651 ايڪڙ، جوھي جي 44651، ڪي اين شاھ جي 23 ھزار، ٺٽي ضلعي جي 123 ايڪڙ، سجاول ۾ 13700 ايڪڙ، جاتي ۾ 6900، شاھ بندر ۾ 6800، تعلقي بدين جي 528 ايڪڙ، گولاڙچي جي 2941، ماتلي جي 299، ٽنڊوباگو جي 224، تلھار جي 67 ايڪڙ زمين، ٿرپارڪر جي 10 ھزار ايڪڙ, انھن ئي منصوبن لاءِ حيدرآباد ڊويزن جي 73665 ايڪڙ، بينظيرآباد، سانگھڙ، خيرپور ۽ اڇڙو ٿر ۽ سکر سميت ٻين علائقن جي 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين شامل آھي. سنڌ سان ٿيندڙ ان قھر کان علاوه سنڌ جي پاڻيءَ تي مختلف ڊيمن ۽ ڪينالن ذريعي قبضا ڪري سنڌ کي پاڻيءَ کان محروم ڪيو ويو آھي. اڄوڪي ھن ڪانفرنس ۾ شامل سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور، وڪيل، ھاري، آبادگار، شاگرد، عورتون، سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جا نمائنده ۽ سنڌ جا گھڻگھرا مطالبو ٿا ڪن ته: سنڌ جي نگران سرڪار سنڌ جي زمينن تي قبضن جو سلسلو فوري طور بند ڪري ۽ سنڌ جي 52 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جيڪا زرعي فارمنگ لاءِ فوجي اداري حوالي ڪئي وئي آھي اھو غير قانوني ۽ غير آئيني، سنڌ دشمن، ملڪ دشمن فيصلو واپس ورتو وڃي. ھي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمين عالمي ڪمپنين ۽ فوجي ادارن کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين ھارين کي ڏني وڃي ۽ زرعي سڌارا ڪيا وڃن. سنڌو درياھ جي پاڻي تي سڀ کان پھرين حق سنڌ جو آھي. ھي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته سنڌو درياھ تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال جوڙڻ بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ھي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذوالفقار آباد ۽ ٻين رھائشي اسيڪمن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضا بند ڪيا وڃن. بحريا ٽائون جي قبضي ڪيل سموري زمين واپس وٺي بحريا ٽائون جي متاثر مقامي ماڻھن کي واپس ڪئي وڃي. بحريا ٽائون طرفان زمينن تي قبضن ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. ھي ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ايماندار ۽ غير جانبدار ججن جي اعلى عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. ان ڪميشن جي سفارشن تي سنڌ جي زمينن تي قبضن ۾ ملوث قبضاگيرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ طرفان 4 مئي 2018 واري ڪيل فيصلي تي عمل ڪري بحريا ٽائون جي زمين اصلوڪن رھواسين کي واپس ڪئي وڃي. ڪينجھر کي عالمي ورثو قرارا ڏئي ان جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي. ڪينجھر، ڪارونجهر، ھاليجي ڍنڍ، کيرٿر نيشنل پارڪ، گورک ھل۽ گنجي ٽڪر سميت سنڌ جي سمورن تاريخي ثقافتي ماڳن ۽ جبلن تي قبضا ڪرڻ بند ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو