ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اسپتالن جي حالت خراب آهي، ڪراچي جون اسپتالون سڄي صوبي جي مريضن جو بار کڻن ٿيون.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اربين رپين جي بجيٽ هڙپ ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ بدانتظامي ايتري ته آهي جو عوام کي پگهارون به نه ڏنيون وڃن، ترقياتي منصوبن لاءِ به بجيٽ ناهي ڏني پئي وڃي.هن چيو ته ساڍا 3 سالن کان پي ٽي آءِ وفاقي اسپتالن تي قبضو ناهي ڪيو، انهن اسپتالن جي مالڪي ڪنهن کي به قبول ناهي، حڪومت اين جي اوز جي پويان لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪي ايم سي جون اسپتالون به خراب آهن.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته لياري جنرل اسپتال ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، نرسنگ جي شاگردن جا وظيفا به کائي رهيا آهن، اسپتالن ۾ مريضن کان دوائون منگون ڪيون وڃن ٿيون.امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته ڪي ايم سي اسپتالن ۾ دوائن لاءِ رڳو 5 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، عباسي شهيد اسپتال ۾ صفائي جي صورتحال انتهائي خراب آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته لياري ۾ واقعي واري ڏينهن تي هر صورت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.










