آفيسرن جي سياسي سرگرمين ۾ شرڪت ۽ بدلين تي پابندي لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن ۽ سڀني زڪوات چيئرمينز جي سياسي سرگرمين ۾ شرڪت ۽ سندن بدلين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.سنڌ جي اوقاف، عشر زڪوات ۽ مذهبي معاملن واري کاتي سرڪاري ملازمن ۽ زڪوات چيئرمينز کي سياسي سرگرمين يا چونڊ مهم جو حصو نه بڻجڻ جو حڪم ڏنو آهي.اها پابندي اليڪشن ڪميشن ۽ قانون واري نگران وزير عمر سومري جي هدايت تي لڳائي وئي آهي.ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي تي چونڊ قانونن تحت ڏنڊ لاڳو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو