حيدرآباد /بٺورو / بدين : قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جي ڪجھ ضلعن کي صحافين، عورتن، ٻارن ۽ انساني حقن جو مقتل گاھ بڻايو ويو آهي، 13 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃان تائين شھيد جان محمد مھرجا قاتل گرفتار ٿي نہ سگھيا آهن. ھي ڪٿان جو قانون ۽ انصاف آهي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ ورھائڻ ۾ سھولتڪار ٿي. ھنن ٻٽو نظام آڻي سنڌ کي ورھايو. ھنن ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري ڪري سنڌ کي ڪاپاري نقصان ڏنو ۽ 8 ڪروڙ آبادي کي گھٽائي ساڍا 5 ڪروڙ 57 لک آبادي کي قبول ڪيو، سنڌ جي ثقافتي ورثي ڪارونجهر کي قتل ڪرڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن ڪردار کي رد ڪري. سنڌ کي ترقي يافتہ خوشحال ڏسڻ جا خواب ڏسندڙ ماڻھو ڪرپٽ نمائندن سان مقابلو ڪن. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جا آھن. اسين اھڙي سنڌ چاھيون ٿا جنھن ۾ برابري ھجي. عورت کي آزادي ھجي. نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ روزگار جا موقعا ھجن.اسپتالون ڪوس گھر بدران بھتر علاج جو مرڪز ھجن. ڌاڙيل راڄ بدران امن ھجي. جرڳن بدران قانون ۽ انصاف جي حڪمراني ھجي. ڪو بہ صحافي قتل نہ ٿي. اياز لطيف پليجي سنڌ جي عوام سان مخاطب ٿيندي چيو تہ خاموشي سان ھڪ ھڪ ٿي ظلم جو نشانو بڻجڻ بدران، پنھنجي ذاتي ۽ قومي تحفظ ۽ بقا لاءِ اٿي کڙا ٿيو، سوال پڇو، ڳالھايو ۽ احتجاج ڪريو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ آئين، قانون جي حڪمراني ۽ برابري کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگھي. شفاف اليڪشن ٿي تہ عوام ڪرپٽ مافيا کي رد ڪري ڇڏيندو. مھانگائي سبب غربت ۾ اضافو ٿيو آھي. معاشي پاليسيون عوام دشمن آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھٿ وٺي بدامني جي باھ ٻاري وئي آھي تہ جيئن ماڻھو مجبور ٿي ڪرپٽ وڏيرن جي بنگلن تي وڃن. 15 سالن جي حڪمراني دوران پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ سنڌ جي ٻھراڙين ۾ روڊن جو ڄار پکيڙي ڇڏي ھا. پاڻي کوٽ ختم ڪري زراعت کي بحال ٿو وڃي ھا. تعليم جو معيار بھتر ٿو وڃي ھا. بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ملي وڃن ھا. ھر شھر ۽ ڳوٺ کي گئس، بجلي سميت پيئڻ جو صاف پاڻي فراھم ٿئي ھا. پر اڄ شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ هيپاٽائٽس، ڪينسر، ايڊز ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آھن. اسپتالن ۾ علاج ناھي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم ناھي. سنڌ جي گھٽي گھٽي ۾ منشيات جو ڪاروبار ھلي رھيو آھي. نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي. پوليس امن امان بدران ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪري رھي آھي.










