ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران صوبائي وزير ريونيو ۽ صنعت محمد يونس ڍاگا جي صدارت هيٺ اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سنڌ انڊسٽريل پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري صنعت رشيد احمد سولنگي ۽ ملڪ جي نامياري اقتصاديات جي ماهر قيصر بنگالي جيڪو صنعت کاتي ۾ صلاحڪار طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي معروف اقتصاديات جي ماهر قيصر بنگالي ٻڌايو ته سنڌ انڊسٽريل پاليسي ٺاهڻ جو ڪم وڏي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ان جي مسودي کي 30 آڪٽوبر 2023ع تائين حتمي شڪل ڏني ويندي. هن چيو ته ان پاليسي کي جامع بڻائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جا ويچار شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ آءِ بي اي ڪراچي، آءِ بي اي سکر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جا نمائندا شامل آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ان پاليسي ٺاهڻ جو مقصد سنڌ ۾ موجود صنعتن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ نون صنعتي زونن جي قيام تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن سنڌ صوبي جي معاشي صورتحال کي يقيني بڻائي سگهجي. نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا چيو آهي ته سنڌ انڊسٽريل پاليسي تي عملدرآمد کانپوءِ موجوده صنعتن جي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ نوان اقتصادي زون قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ان پاليسيءَ سان صنعتي پلاٽ جيڪي خالي آهن يا صنعتي پلاٽ جيڪي غير قانوني طور ڪمرشل پلاٽن ۾ تبديل ڪيا ويا آهن يا جيڪي دستاويزن ۾ هيراڦيري سبب روڪيا ويا آهن، انهن جي بحالي ممڪن ٿي ويندي. هن چيو ته ڪاروباري طبقي کي نيون صنعتون لڳائڻ لاءِ ڪافي مراعتون ڏيڻ به ان پاليسي جو حصو آهي. محمد يونس ڍاگا چيو ته ان پاليسي ۾ صوبي ۾ ننڍين صنعتن جي قيام لاءِ به خاص مراعتون ڏنيون وينديون ته جيئن ننڍا سيڙپڪار به ان پاليسي مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته ان پاليسي تي عملدرآمد کانپوءِ معاشي صورتحال بهتر ٿيندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪي معيشت ۾ استحڪام نظر ايندو. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي جي سهڪار سان صوبي جي سمورن صنعتي پلاٽن جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو ڪم پڻ جاري آهي. محمد يونس ڍاگا چيو ته نگران حڪومت ملڪ جي معيشت کي مثبت رخ ڏانهن آڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته معاشي ترقي ذريعي ئي عوام جون حالتون بهتر ڪري سگهجن ٿيون ۽ اهو ئي نگران حڪومت جو ويزن آهي.
