سنڌي ماڻھن جي ضمير جي مشينري خراب ٿي چڪي آهي: اياز پليجو

سڪرنڊ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران سڪرنڊ پريس ڪلب جي قاضي الھورايو ميمڻ آڊيٽوريم هال ۾ ” سياست ۾ نوجوانن جو ڪردار “ جي موضوع تي ليڪچر پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ليڪچر ڏيندي چيو ته سنڌي ماڻھن جي ضمير جي مشينري خراب ٿي چڪي آهي ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اسان پنهنجون مشينون درست ڪرايون هن چيو ته هيئنر وقت آهي جڏھن ووٽ وٺڻ لاءِ نمائنده اوهان وٽ اڇن ته سوال ضرور ڪجو ته برسات متاثرين لاءِ ڇا ڪيو ، سنڌ جي وسيلن کي ڇو وڪڻيوَ ، ڌارين جي لوڌ کي تڙڻ لاءِ ڇا ڪيو ، اسڪولن جون بلڊنگون ڇو نه ٺهرايون ، تعليم ۽ صحت جون بنيادي ضرورتون ڇو پوريون نه ڪيون ويون اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو ته انداز مهذب هجي پر پڇڻ جو حق اوهان کي آهي سرعام پڇو ۽ سوشل ميڊيا تي لائيو هلايو ته جيئن ماضيءَ کي وساري آئنده لاءِ بهتر ڪرڻ جو سوچين ڇاڪاڻ جو جيسين پڇاڻي جو عمل نه هوندو تيسين اصلاح نه ٿيندي هن اهو به چيو ته سموري سنڌ سورن ۾ آهي ان ڪري ايندڙ اليڪشن سنڌ جي آجپي جو سنهري موقعو آهي جيڪڏھن هيئنر به دوکو کاڌوسين ته پوءَ ايئن نه چئبو ته جيڪڏھن ايئن نه ڪيون ها ته هيئن ٿئي ها ان ڪري ڌڪ کائنڻ کان اڳ سکو هن چيو ته اڻ پڙهيل مائٽن کي به گهرجي ته هُو وقت کان اڳ اولاد خاص ڪري نياڻين کي پرڻائڻ ۾ تڪڙ ڪرڻ بجاءِ پڙھائڻ تي ڌيان ڏين جيڪڏھن نياڻي پڙهيل هوندي ته بهتر زندگي گزارڻ سان گڏ بهتر رشتو ۽ بهتر روزگار به ملي سگهي ٿو ان کان اڳ رسول بخش لغاري ۽ ابراهيم بگٽي سڪرنڊ پريس ڪلب پهچڻ تي اياز لطيف پليجو سميت آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو