ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙو برقرار آهي ۽ سرحدي علائقا متاثر آهن.موٽر وي اختيارين موجب لاهور کان اسلام آباد موٽر وي ايم 2 لاهور کان ڪوٽ سرور، پنڊي ڀٽيان کان فيصل آباد موٽر وي ايم 3، درخاني کان جڑانوالا ۽ سکر ملتان موٽر وي ايم 5 شير شاهه کان ظاهر پير تائين بند آهن.فيصل آباد-ملتان موٽر وي ايم 4 کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي، ڪوهيڙي سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ رواني پڻ متاثر آهي.موٽر وي پوليس شهرين کي غير ضروري سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










