سليڪشن جي سياست جمهوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو

سليڪشن جي سياست جمهوريت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سليڪشن جي سياست جمهوري جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي،ڪجهه به ٿئي چونڊون ڪرائڻيون پونديون،ڪارساز سانحي جي ياد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فلسطينين کي بيدردي سان شهيد ڪيو پيو وڃي، نگران وزيراعظم، نگران پرڏيهي وزير کان مطالبو آهي ته فلسطيني عوام لاءِ آواز اٿاري.بلاول ڀٽو سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عوامي رابطا مهم ۾ هڪ ئي مطالبو هوندو، اليڪشن جي تاريخ ڏيو، اليڪشن ڪرايو، عوام کي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ڏيو، هي عوام جو مطالبو مڃڻو پوندو.پ پ چيئرمين چيو ته نفرت ۽ گار جي سياست کي ڇڏڻو پوندو، اڄ جي پاڪستان جي ضرورت نئين سوچ ۽ نئين سياست آهي.اسان کي نئين قيادت جي ضرورت آهي جيڪا ماضي ۾ ڦاٿل نه رهي.اسان کي 90 جو پاڪستان کپي 2017 جو پاڪستان نه،بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته چونڊون ڪرائڻيون پونديون، پارليامينٽ ۽ سياست کي جاءِ ڏيڻي پوندي، معاشي ترقي لاءِ سياسي استحڪام سان گڏ عوام جي مفاد ۾ معيشت کي هلائڻو پوندو.اختلاف جي گنجائش رکڻي پوندي، ملڪ کي آئين ۽ قانون موجب هلائڻو پوندو، انا جي سياست کي دفن ڪرڻو پوندو ۽ عوام تي اعتماد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ جي مستقبل جو فيصلو عوام جو حق آهي.اپوزيشن جي سياست ختم ڪري مفاهمت جي سياست بحال ڪنداسين، عوام غريب رهندو ته خاص طبقي کي فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو