سستي گاڏي وٺڻ لاءِ ڪچي ويل 3 واپاري مبينا طور اغوا

ڪرمپور(ن س) پنجاب جي بهاولپور واسي 3 ڄڻا ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان مبينا اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ڌاڙيلن بهاولپور واسي واپارين کي 10 ڏينهن اڳ سستي ڪار ڏيڻ بهاني دوکي سان گهرائي اغوا ڪيو اغوا ٿيل مجتبيٰ، بابر علي ۽ محمد صديق ڪشمور جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن 10 ڏينهن اڳ ٽئي ڄڻا سستي ڪار خريد ڪرڻ لاءِ پنجاب جي بهاولپور کان ڪشمور پهتا ته کين اغوا ڪيو ويو ذريعن موجب ڌاڙيلن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي، وارثن پاران بهاولپور واسي ٽن ڄڻن جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو