نوشهرو فيروز (ن س) ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب شيخ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ضلعي جي عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ سڀاڻي کان مختلف شهرن ۾ 20 اسٽال لڳايا ويندا. تفصيل موجب نوشهروفيروز ۾ الله والا چوڪ ۽ ٺاروشاهه چوڪ، مورو ۾ پريس ڪلب اڳيان ۽ حنا فلور مل جي گيٽ وٽ، ٺاروشاه ۾ بس اسٽاپ، محب ديرو ۾ پوليس اسٽيشن ويجهو، ڪنڊيارو ۾ اولڊ ٽائون ڪميٽي، مورو ۾ پريس ڪلب آڏو . الرحمان فلور مل گيٽ ۽ ڳرمنڊي، دربيلو ۾ يونين ڪائونسل آفيس، بسمه فلور مل جو گيٽ ڀريا روڊ ۽ فاروق اعظم چوڪ، عيد گاهه ڀرسان ڀريا سٽي ۾، محموديه فلور مل پڊعيدن ۾ ۽ شهر، دريا خان مري، محرابپور ۾. فرحان منزل جي مين گيٽ، ڦل سٽي ۽ نيو جتوئي ۾ سدوجا جا اسٽال لڳايا ويندا. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي فوڊ ڪنٽرولر ۽ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏھن ته سيڪورٽي انتظامن جي حوالي سان ايس ايس پي نو شھرو فيروز کي پوليس اھلڪار مقررڪرڻ لاء چيوويو










