رينجرز اهلڪارن مٿان پي ٽي آءِ گاڏي چاڙهي ڇڏي، 4 اهلڪار شهيد

رينجرز اهلڪارن مٿان پي ٽي آءِ گاڏي چاڙهي ڇڏي، 4 اهلڪار شهيد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سرينگر هاءِ وي تي دهشتگردن رينجرز اهلڪارن جي گاڏي چاڙهي، جنهن جي نتيجي ۾ شهري سميت 3 رينجرز ۽ 1 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويو.ذريعن موجب واقعي ۾ 5 رينجرز ۽ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا آهن.سڪيورٽي ذريعن موجب شرپسندن جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ هينئر تائين 4 رينجرز ۽ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن.سڪيورٽي ذريعن موجب هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو