اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سخت ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو. موٽر وي پوليس ترجمان سيد عمران احمد موجب، موٽر وي ايم ٽو لاهور کان هرن مينار ۽ موٽر وي ايم 5 شير شاهه ملتان کان ظاهر پير تائين ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو.ترجمان موجب ڪوهيڙي سبب موٽر وي ايم 3 فيض پور لاهور کان درخانه ۽ ايم فور پنڊي ڀٽيان کان ملتان تائين بند ڪيو ويو آهي. موٽر وي پوليس جي ترجمان چيو ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي، شهري وڌ کان وڌ ڏينهن جي وقت ۾ سفر کي ترجيح ڏين. سيد عمران احمد چيو ته ڊرائيور گاڏين جي اڳيان ۽ پويان فوگ لائيٽ استعمال ۽ تيز رفتاري کان پاسو ڪن.










