ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سخت ڪوهيڙي سبب اڄ ملڪ جي ايئرپورٽن تان 22 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون رد ڪيون ويون.اسلام آباد کان دوحا، دبئي ۽ مسقط ويندڙ پي آءِ اي جون 3 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.اسلام آباد کان العين جي اڏام پي ڪي 144، ابوظهبي جي اڏام 262 به منسوخ ڪئي وئي جڏهن ته لاهور کان ڪوالالمپور ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام 898 ۽ 899 کي به منسوخ ڪيو ويو.لاهور کان دبئي ويندڙ اڏام پي ڪي 235، ڪوئيٽا ويندڙ اڏام پي ڪي 322 ۽ 323 به منسوخ ڪئي وئي.ايئرپورٽ عملدارن موجب ملتان کان شارجه ويندڙ پي آءِ اي جون 293 ۽ 294 پروازون به منسوخ ڪيون ويون جڏهن ته پشاور کان مسقط، دبئي، دوحا ۽ ابوظهبي جون 4 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.اختيارين جو چوڻ آهي ته رياض کان پشاور ويندڙ پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام منسوخ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پشاور کان رياض ويندڙ پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام به منسوخ ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه ايئرپورٽ اختيارين موجب باچا خان ايئرپورٽ تي 5 پرڏيهي ايئر لائنز جون اڏامون دير جو شڪار آهن.










