سجاول، روڊ حادثو ۾ ٽي ڄڻا فوت،هڪ ڄڻو زخمي

سجاول: (ن س) سجاول ڳيجھو روڊ حادثو هڪ ئي گهر جا ٽي ڀاتي فوت، فوتين جي لاشن کي تفصيلن موجب سجاول سول اسپتال آندو ويو، سجاول ويجهو چوھڙجمالي روڊ تي فقير گولائي وٽ ڪار ۽ ٽرڪ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿيڻ سبب چوهڙ جمالي جا رهواسي عبدالرحيم پٺاڻ، مسمات فيروزہ ۽ 4 سالا معصوم عبدالله پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته نور الله پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو، زخمي ۽ فوتين جي مڙه کي سول اسپتال سجاول آندو ويو جتان نورالله پٺاڻ جي نازڪ هجڻ ڪري وڌيڪ اعلاج لاءِ ڪراچي روانو ڪيو ويو، اهڙي افسوس ناڪ حادثي جو ٻڌي ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ، ايس ايس پي شھلا قريشي ، ڊي ائي بي انچارج عبدالحق، ايس ايڇ او قربان قمبراڻي ۽ ٻيا سوين شھري اسپتال پهچي ويا، ٻي پاسي شهرين جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار جي سستي جي ڪري سالن کان روڊ مرمت نه ٿيڻ سبب روڊ حادثه ٿين ٿا، جنهن ۾ ڪافي جانيون ضايع ٿي ويون آھن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو