ساگر جي اغوا ۾ سردار ملوث،نگران گهرو وزير جي تصديق

ڪنڌڪوٽ (ن س) سنڌ جو نگران گهرو وزير روهڙي مان 2 سال اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماريءَ جي عمر جي باري ۾ به لاعلم بڻيل آهي،ڪنڌڪوٽ ۾ پريا ڪماري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته خبر ناهي ته پريا ڪماري جي شادي ٿي وئي آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي، اهو ڏسي رهيا آهيون، صوبائي گهرو وزير جي آءِ جي سميت ڪنڌڪوٽ پهچڻ تي ايس ايس پي مير روحل کوسو ڪچي ۾ جاري آپريشن بابت بريفنگ ڏني، نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته ڌاڙيلن کي ختم ڪري ڪچي کي مڪمل طور محفوظ ڪنداسين،ڪشمور ضلعي مان بازياب ڪرايل ساگر ڪمار جي اغوا ۾ ڪهڙو سردار ملوث آهي؟،سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز ساگر ڪمار جي اغوا ۾ هڪ سردار جي ملوث هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،نگران گهرو وزير حارث نواز ميڊيا سان ڳالهين دوران ساگر جي اغوا ۾ سردار ملوث هئڻ جي تصديق ڪئي پر نالو نه کنيو،نگران گهرو وزير حارث نواز موجب ساگر ڪمار جي اغوا ۾ به هڪ سردار ملوث آهي، سنڌ جي جنهن علائقي مان ماڻهو اغوا ٿيندو ته اتان جي سردار خلاف ڪارروائي ٿيندي،ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته پريا ڪماري جي اغوا جو ڪيس پاڻ ڏسي رهيو آهيان، پراڻو ڪيس هئڻ سبب مختلف جاچ آفيسرز جو رڪارڊ گهرايو اٿم، ڪا به اڳڀرائي ٿي ته ميڊيا کي آگاهه ڪندس،آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان 21 آگسٽ تي آياسين ته ان وقت سنڌ ۾ 51 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل هئا، هن وقت رڳو 6 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ آهن، جن مان بروهي برادري جا 3 ماڻهو تازو اغوا ٿيا آهن،هن چيو ته ڪشمور ضلعي جا رڳو 4 ماڻهو اغوا ٿيل آهن، سمورا مغوي جلد بازياب ڪرائينداسين

پهنجو تبصرو موڪليو