سال 2023ع ۾ پاڪستان سياحت لاءِ بهترين ملڪ قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گڏيل قومن جي عالمي سياحتي اداري پاڪستان کي سال 2023ع ۾ سياحت لاءِ بهترين ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب گڏيل قومن جي ورلڊ ٽورازم آرگنائزيشن پاران شايعڪيل ورلڊ ٽورازم بيروميٽر جي رپورٽ ۾ سياحت جي شعبي ۾ پاڪستان جي شاندار ڪارڪردگي جو اعتراف ڪيو آهي.رپورٽ موجب 2023ع پهرين 9 مهينن دوران پاڪستان سياحت جي لحاظ سان بهترين ملڪ بڻجي ويو آهي. هلندڙ سال ملڪ ۾ پرڏيهي سياحن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 115 سيڪڙو غير معمولي اضافو ڏٺو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو