لنڊن(ويب ڊيسڪ)سائنسدانن زندهه سيانو بيڪٽيريا وارو اهڙو رنگ تيار ڪيو آهي جيڪو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي ڇڪڻ سان گڏ آڪسيجن پيدا ڪري سگھي ٿو. برطانيا جي يونيورسٽي آف سري جي محققن پاڻي تي ٻڌل آڪسيجن تيار ڪندڙ ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ڇڪيندڙ رنگ تيار ڪري ورتو آهي جنهن ۾ سيانو بيڪٽيريا جو هڪ قسم شامل ڪيو ويو آهي. سائنسدانن ان رنگ کي ”گرين لونگ پينٽ” جو نالو ڏنو آهي. پينٽ ۾ شامل ڪيل ان بيڪٽيريا جي سخت ماحول کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ان نئين رنگ کي خلا سوڌو ٻين هنڌن تي استعمال جوڳو بڻائي ٿي.
