زمينون ۽ وسيلا ڏيڻ جو اختيار نگران ته ڇا چونڊيلن کي به ناهي

زمينون ۽ وسيلا ڏيڻ جو اختيار نگران ته ڇا چونڊيلن کي به ناهي

مورو (ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو مورو ۾ مختلف فڪر سان تعلق رکندڙ ۽ ساڃاھ وندن کي سنڌ جي ثقافت ۽ موجوده سياسي صورتحال تي ليڪچر پروگرام ۾ خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جون زمينون پيٽرول، ماربل يا ٻيا وسيلا ڏيڻ جو اختيار نگران حڪومت کي ڇا پر چونڊيل حڪومت کي بہ ناهي ، اهو اختيار سنڌ جي ست ڪروڙ عوام کي آهي، جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي تہ سنڌ جون سرڪاري زمينون آباد ڪجن تہ اهي بي روزگار سنڌ جي هارين کي ڏين تہ اهي آباد ڪن باقي اهو ڪهڙو طريقو آهي جو سنڌ جون زمينون ادارن کي ڏنيون وڃن. اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو تہ سنڌ جون زمينون ٻين ملڪن حوالي ڪرڻ جي ضرورت ناهي اهي ملڪ هتي جيڪا زراعت ۾ آبادي ڪندا اهي جيڪي پنهنجي ضرورت وارا فصل آباد ڪندا. آدم شماري پ پ ڪرائي آهي ۽ سڀ ڪم پ پ پئي ڪرائي سنڌ دشمن منصوبن وارو پ پ کان جواب طلب ڪرڻ کپي، سنڌ جا اڪثر ماڻهو پنهنجي نياڻين ، امڙين کي بينظير انڪم جي پئسا وٺڻ لاء پنائين پيا ۽ پاڻ وڏيرن جي پويان لور لور ڪندا ڦرن پيا. پ پ سنڌ جا سمورا ادارا تباھ ڪري ڇڏيا آهن اسان سنڌ جي عوام کي سجاڳ ڪري رھيا آھيون تہ ھاڻي ھٿ تي ھٿ نہ رکي ويھي رھو بلڪ پنھنجن اولادن کي تعليم ڏياريو جيئن ٻيا ملڪ ترقي ڪري رھيا آھن تنھن ريت اسان جي سنڌ ۽ سنڌ جو مستقبل ترقي ڪري سگھي. ھن تقريب کان اڳ اياز لطيف پليجو جو خان محمد سومرو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن ڪارڪنن گلن جي ورکا سان ڀرپور استقبال ڪيو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. ھن تقريب ۾ وڪيلن، صحافين سميت ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو